
from Awami Awaz http://ift.tt/2GQpieC
via IFTTT http://ift.tt/2s8RoyA




*ٺل ڀرسان هٿياربندن هٿان 2 نوجوان اغوا، وارثن کان 30 لک ڀنگ طلب
*دانيال عزيز خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ ٽه رڪني بينج جوڙي وئي
*سنڌ يونيورسٽي ۾جمهوريت ڏانهن سفر” جي موضوع تي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي
*اداڪار رنوير سنگهه وڌيڪ تاريخي فلم ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

عوامي آواز | پاڻي زهريلو ۽ ڪوڙو ٿي ويو آهي | پروگرام: سنڌ نگر | ميزبان: حنيف ساگر | ٽيلي فون لائن تي: رازق ڏنو کوسو، هاشم شر، عمران کوسو
بدين ۾ زراعت ۽ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ آهي
پاڻي زهريلو ۽ ڪوڙو ٿي ويو آهي
شگرملن مان نڪرندڙ پاڻي ۽ سامونڊي پاڻي سبب جر خراب ٿي ويو آهي
بدين ترقياتي ڪمن ۾ به پٺتي پيل آهي
ميرپورخاص ۾ ڪڻڪ جي اگهه نه ملڻ تي آبادگارن جو احتجاج جاري آهي
ڪورٽ ۽ حڪومت طرفان مقرر ڪيل اگهه تي ڪو عمل درآمد ناهي ٿي سگهيو
آبادگار ن کي اگهه نه ملڻ سبب 20 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي
آبادگارخودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن
سپريم ڪورٽ طرفان پابندي باوجود سنڌ ۾ جرڳا جاري آهن
عدالتي نظام سست هئڻ ڪري جرڳا سسٽم ڪامياب آهي
قانونساز اسمبلين ۾ ويٺل پاڻ جرڳا ڪرائيندا آهن
from Awami Awaz http://ift.tt/2FOy6An
via IFTTT http://ift.tt/2EleWVL
رياض (ويب ڊيسڪ) ياسمين القحطاني اها پهرين سعودي نوجوان ڇوڪري آهي، جنهن جبلن ۽ پٿرن تي چڙهندڙ پهرين جبل چاڙهو تربيت ڪار طور ملڪ ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو آهي. اهڙي تربيت هن آمريڪي رياست شڪاگو ۾ حاصل ڪئي، جتان کيس منظور ٿيل سرٽيفڪيٽ به مليو. ياسمين يورپ ۽ آمريڪا ۾ اهڙو تجربو ڪيو. سندس چوڻ آهي ته پٿرن تي چڙهڻ سان انسان جذبن کي قابو ڪرڻ ۽ امڪانن کي چئلينج ڪرڻ سکندو آهي، اها راند جسماني فٽنيس وڌائڻ لاءِ فائديمند آهي.
ياسمين موجب کيس هٿن ۽ پيرن سان پٿرن تي چڙهڻ سان عشق آهي، پٿرن جي چڙهڻ جبلن تي چڙهڻ کان وڌيڪ ڏکيو ڪم آهي، جنهن ۾ جسماني ڪنٽرول ۽ توازن جي مهارت تي دارومدار هوندو آهي. هن ٻڌايو ته مان ڪلمنجاور (تنزانيا) جي پٿرن تي 58 سئو ميٽرن تائين چڙهي چڪي آهيان، ان کانسواءِ الب جي جبلن ۾ 48 سئو ميٽرن جي اوچائي تي خطرناڪ پٿر به پار ڪيم. هوءَ گذريل ٽن مهينن دوران 150 کان وڌيڪ مردن ۽ عورتن کي تربيت پڻ ڏئي چڪي آهي. ياسمين القحطاني موجب سعودي عورتون ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ راندين ۾ شرڪت جي لحاظ سان گهڻائي رکن ٿيون، جبل چڙهڻ ۾ خاص وزن يا غير معمولي جسماني قدرت جي نه پر سکڻ جي خواهش جي ضرورت هوندي آهي. هن واضح ڪيو ته عورت لاءِ جبل چڙهڻ ۾ حجاب رنڊڪ ناهي پر ان لاءِ حفاظتي هيلميٽ پائڻ اهم آهي.27