Tuesday, February 6, 2018

رات نائين وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-02-06

*رابطا ڪميٽي جو وفد سربراهه کي پرچائڻ ۾ ناڪام، فاروق ستار شرط رکي ڇڏيا

*ميهڙ : ڪرم الله چانڊئي ۽ پٽن جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

*پشاور ۾ هٿياربندن جي ڪار تي فائرنگ  ۾ٻه ڄڻا قتل، 2 سخت زخمي

*سيف جي سهڪار سان هلندڙ اسڪولن ۾ معياري تعيلم ڏني پئي وڃي: ڄام شبير

*سلمان پاران ڇوڪري ملي وئي جو ٽوئيٽ جاري ڪرڻ تي مداحن جون مبارڪون



from Awami Awaz http://ift.tt/2Bg1rEC
via IFTTT http://ift.tt/2BKA8U0

فاروق ستار کي ڪالهه چماٽ هنئي وئي: سلمان مجاهد بلوچ جي دعويٰ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان کان پاڪ سرزمين پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪندڙ قومي اسيمبلي جي ميمبر سلمان مجاهد بلوچ چيو آهي ته ذريعن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته ڪالهه فاروق ستار کي چماٽ هنئي وئي، پي آءِ بي ۽ بهادر آباد ۾ قيادت موجود آهي پر ٻنهي هنڌن تي ڪارڪن نه پهتا. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي سلمان مجاهد بلوچ چيو ته ايم ڪيو ايم ۾ ڌڙي بندي جو عمل 22 آگسٽ کانپوءِ تيزي سان شروع ٿيو، اها چونڊن يا خدمت جي نه پر ڪجهه ماڻهن جي مفادن جي ويڙهه آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم قيادت ڪراچي جي مسئلن تي ڳالهه ڪري ها ته شهري انهن کي پنهنجو نمائندو تسليم ڪن ها پر اڄ ماڻهو پي ايس پي کي اميد جو ڪرڻو سمجهي ڏسي رهيا آهن، هاڻ ايم ڪيو ايم جو سج لهي ويو آهي، تنهن ڪري ماڻهو پاڪ سرزمين پارٽي ڏنهن واجهائي رهيا آهن. هن چيو ته ذريعن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته ڪالهه فاروق ستار کي چماٽ هنئي وئي، عامر خان جي صورت ۾ جيڪو نئون ڌڙو سامهون آيو آهي، ان ايم ڪيو ايم ۽ پي ايس پي اتحاد جي مخالفت ڪئي هئي.27



from Awami Awaz http://ift.tt/2EJpFHh
via IFTTT http://ift.tt/2E6PFuU

وفاقي ڪابينا دوائن جا اگهه گهٽائي ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ ٿيل وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ دوائن جي ريٽيل اگهن ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏني وئي آهي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ ٿيو. حڪومت طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ صوبائي حڪومتن جي زور ڀريو ويو ته ڪمند جي آبادگارن کي رقم جي ادائيگي ۾ ذميواري پوري ڪئي وڃي ۽ کين طئي ڪيل اگهه موجب ادائيگي ڪرائي وڃي. وفاقي ڪابينا ڊاڪٽر شيخ اختر حسين جي سي اي او ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي طور مقرري سان گڏوگڏ ڊرگ پاليسي تحت دوائن جي ريٽيل قيمتن ۾ گهٽتائي جي به منظوري ڏني. ان کانسواءِ اجلاس ۾ مختلف عدالتن جي ججن جي مقرري جي منظوري به ڏني وئي. وفاقي ڪابينا ڪوثر عباس زيدي کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جج طور مقرري جي منظوري ڏني، جڏهن ته خواجا وجيهه الدين کي بئنڪنگ ڪورٽ پشاور جو جج مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ بئنڪنگ ڪورٽ پشاور جي جج محمد نسيم جي پشاور هاءِ ڪورٽ واپسي جي منظوري به ڏني وئي. ان کانسواءِ وفاقي ڪابينا سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي انسٽيٽيوٽ بهاولپور قائم ڪرڻ جي منظوري سان گڏوگڏ سڌ سماءَ واري وزارت پاڪستان ۽ تاجڪستان ريڊيو وچ ۾ سهڪار جي ايم او يو جي منظوري به ڏني.27



from Awami Awaz http://ift.tt/2nQkDAu
via IFTTT http://ift.tt/2E2sRR4

رات اٺين وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-02-06

*سپريم ڪورٽ ۾ عاصما راڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي، آءِ جي تي ڪاوڙ

*ڪنب ڀرسان تيز رفتار وين ڪري پئي، 10 ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل

*کپري ڀرسان ڪولهي برادري جي گهرن کي باهه، 10 گهر سڙي رک،

*مدئجي : پوليس جي جتوئي برادري جي گهرن تي چڙهائي

 *ڀٽ شاهه پوليس نينگر سان بدفعلي ڪندڙ جوابدار کي گرفتارڪري ورتو

*سنڌ حڪومت رڪارڊ ڪرپشن ڪئي آهي: عارف علوي



from Awami Awaz http://ift.tt/2nOmqGf
via IFTTT http://ift.tt/2E4KfVf

ڪراچي ۾ رينجرز جي خاص اختيارن ۾ 90 ڏينهن واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ رينجرز جي خاص اختيارن جي مدي ۾ 90 ڏينهن تائين واڌ ڪئي وئي آهي. صوبائي توڙي وفاقي گهرو وزارت جي منظوري کانپوءِ سنڌ رينجرز کي ڪراچي ۾ حاصل پوليس جي اختيارن ۾ 90 ڏينهن جي واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. ڪراچي ۾ رينجرز کي اهي اختيار 1997ع جي دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ تحت ڏنا ويا هئا، جن کي هاڻ 10 اپريل 2018ع تائين واڌ ڏني وئي آهي. 1997ع جي دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ موجب رينجرز ڪراچي ۾ ڏوهارين ۽ شڪي دهشتگردن خلاف آزاداڻيون ڪارروايون ڪري سگهي ٿي.27



from Awami Awaz http://ift.tt/2Bc2sOi
via IFTTT http://ift.tt/2BHL3Oi

جن جو چونڊ نشان ئي حيوان آهي، انهن کي حيوان چئي ڪهڙو ڏوهه ڪيو: قمر زمان ڪائرا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ پنجاب جي صدر قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته حيوان چوڻ اسان جي مخالفن کي ڏاڍو خراب لڳو آهي، جن جو چونڊ نشان ئي حيوان آهي ته انهن کي حيوان چئي ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته پ پ ڪالهه لاهور ۾ وڏو جلسو ڪيو، جنهن تي ڪيترن ئي هنڌن کان رڙين جو آواز اچي رهيو آهي، گذريل ڏينهن ڪيل جلسي ۾ شريف ڀائرن کي حيوان چوڻ مخالفن کي ڏاڍو خراب لڳو آهي. هن چيو ته شهباز شريف عوامي ميڙاڪن ۾ پ پ اڳواڻن خلاف جيڪا ٻولي استعمال ڪندو آهي، اها سڀني کي خبر آهي. قمر زمان ڪائرا چيو ته ڪيپٽن (ر) صفدر جي سهري ملڪ جو سياسي ڪلچر ختم ڪري ڇڏيو، اسان ملڪي توڙي عالمي عدالتن مان آزاد ٿي چڪا آهيون.27



from Awami Awaz http://ift.tt/2Be2zsD
via IFTTT http://ift.tt/2BGQbSP

دانيال عزيز خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ 3 رڪني بئنچ قائم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ دانيال عزيز خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار ٽه رڪني بئنچ جوڙي ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ دانيال عزيز خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس عظمت سعيد شيخ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪندي، جتي نجڪاري واري وزير کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.27



from Awami Awaz http://ift.tt/2E73yNZ
via IFTTT http://ift.tt/2nM6Wmk