رياض (ويب ڊيسڪ) ياسمين القحطاني اها پهرين سعودي نوجوان ڇوڪري آهي، جنهن جبلن ۽ پٿرن تي چڙهندڙ پهرين جبل چاڙهو تربيت ڪار طور ملڪ ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو آهي. اهڙي تربيت هن آمريڪي رياست شڪاگو ۾ حاصل ڪئي، جتان کيس منظور ٿيل سرٽيفڪيٽ به مليو. ياسمين يورپ ۽ آمريڪا ۾ اهڙو تجربو ڪيو. سندس چوڻ آهي ته پٿرن تي چڙهڻ سان انسان جذبن کي قابو ڪرڻ ۽ امڪانن کي چئلينج ڪرڻ سکندو آهي، اها راند جسماني فٽنيس وڌائڻ لاءِ فائديمند آهي.
ياسمين موجب کيس هٿن ۽ پيرن سان پٿرن تي چڙهڻ سان عشق آهي، پٿرن جي چڙهڻ جبلن تي چڙهڻ کان وڌيڪ ڏکيو ڪم آهي، جنهن ۾ جسماني ڪنٽرول ۽ توازن جي مهارت تي دارومدار هوندو آهي. هن ٻڌايو ته مان ڪلمنجاور (تنزانيا) جي پٿرن تي 58 سئو ميٽرن تائين چڙهي چڪي آهيان، ان کانسواءِ الب جي جبلن ۾ 48 سئو ميٽرن جي اوچائي تي خطرناڪ پٿر به پار ڪيم. هوءَ گذريل ٽن مهينن دوران 150 کان وڌيڪ مردن ۽ عورتن کي تربيت پڻ ڏئي چڪي آهي. ياسمين القحطاني موجب سعودي عورتون ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ راندين ۾ شرڪت جي لحاظ سان گهڻائي رکن ٿيون، جبل چڙهڻ ۾ خاص وزن يا غير معمولي جسماني قدرت جي نه پر سکڻ جي خواهش جي ضرورت هوندي آهي. هن واضح ڪيو ته عورت لاءِ جبل چڙهڻ ۾ حجاب رنڊڪ ناهي پر ان لاءِ حفاظتي هيلميٽ پائڻ اهم آهي.27
from Awami Awaz http://ift.tt/2FSnOPI
via IFTTT http://ift.tt/2ElK47w
No comments:
Post a Comment