Tuesday, February 6, 2018

رنوير سنگهه فلم ” 83“ ۾ اڳوڻي ڪرڪيٽر ڪپيل ديو جو ڪردار ادا ڪندو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪار رنوير سنگهه جي تڪراري فلم ” پدماوت“ جي ڪاميابي کانپوءِ سندس هڪ وڌيڪ تاريخي فلم جو اعلان ڪيو ويو آهي. بالي ووڊ اداڪار رنوير سنگهه هڪ ٻي پويان ڪامياب فلمون ڏئي پنهنجو اداڪاريءَ ۾ پاڻ مڃرائي چڪو آهي. ڪبير خان جي هدايتڪاريءَ ۾ ڀارتي ڪرڪيٽر ڪپيل ديو جي زندگي تي ٺهندڙ فلم 83 ۾ رنوير سنگهه مرڪزي ڪردار ادا ڪندو. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪئلينڊر تي نشان لڳايو ڇاڪاڻ ته رنوير سنگهه جي فلم 83 30 آگسٽ 2019ع ۾ رليز ڪئي ويندي.  هن چيو ته مان تنهن وقت پيدا ٿيس جڏهن ڪرڪيٽ جو دور پنهنجي عروج تي هو، جڏهن ڪبير خان مون کي آڇ ڪئي ته مان فوري طور ها ڪئي ڇو ته فلم جي ڪهاڻي رڳو ڪرڪيٽ نه پر انسان جي ڪهاڻي تي آهي.



from Awami Awaz http://ift.tt/2EjUYL3
via IFTTT http://ift.tt/2C0fcEh

No comments:

Post a Comment