Monday, February 5, 2018

سلمان بٽ ڍاڪا پريميئر ليگ جو حصو بڻجي ويو

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سلمان پٽ پي سي بي طرفان اين او سي جاري ٿيڻ کانپوءِ ڍاڪا پريميئر ليگ جي محمڊن اسپورٽس ڪلب جي نمائندگي ڪندي نظر ايندو. 33 ورهين جو سلمان بٽ انهن رانديگر ۾ شامل هو، جن اجمان آل اسٽارز ۾ شموليت اختيار ڪئي يا ارادو ڪيو هو، سلمان بٽ موجب هن گڏيل عرب امارتن جو دورو ڪيو هو، جنهن کان پوءِ هن ان ٽورنامينٽ ۾ شامل نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو هو. ڪرڪيٽ ماهرن جو چوڻ هو ته سلمان بٽ ٽي ٽوئنٽي ليگ ۾ هڪ ميچ به کيڏي هئي پر پي سي بي سلمان بٽ کي ڪنهن غلط ڪم ۾ ملوث نه ٿيڻ جي پَڪ سان اين او سي جاري ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ هن بنگلاديش جي اي ڪلاس ٽورنامينٽ ۾ محمڊن ڪلب ۾ شموليت اختيار ڪئي.27



from Awami Awaz http://ift.tt/2ElyuJK
via IFTTT http://ift.tt/2FOnTnz

No comments:

Post a Comment