Monday, February 5, 2018

ڪشمير کي ڀارت قيامت تائين فتح نه ٿو ڪري سگهي: خواجه سعد

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ريلوي واري وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته ڪشمير کي ڀارت قيامت تائين فتح نه ٿو ڪري سگهي، خطي ۾ امن قائم ڪرڻو آهي ته ڪشميرين کي آزادي ڏيڻي پوندي، پاڪستان هڪ دفعو ٻيهر مطالبو ڪري ٿو ته ڀارت ڪشمير خالي ڪري ڇڏي. لاهور ۾ ڪشميرين سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ نڪتل ريلي کي خطاب ڪندي خواجه سعد رفيق چيو ته سموري دنيا ڪشميرين سان ٻڌيءَ جو اظهار ڪري رهي آهي، اڄوڪو ڏينهن هڪ ٻي خلاف ڳالهائڻ جو ناهي، سياسي پارٽيون پيغام ڏين ته اسان ڪشميرين سان گڏ آهيون. هن چيو ته ڪشميري آزاديءَ جي جنگ وڙهي رهيا آهن، ڪشميرين جي جذبي کي گهٽ نه ٿو ڪري سگهجي پر هر ايندڙ ڏينهن سان ڪشميرين جو جذبو وڌي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ڪشميرين سان ٻڌيءَ جو اظهار اسان جي اخلاقي ذميواري آهي، ڏوگرا راڄ کان ڀارتي ظلمن تائين ڪشميرين جي ظلمن کي گهٽ نه ٿو ڪري سگهجي. خواجه سعد رفيق چيو ته هڪ برهان واني شهيد ٿيو ته ڪيترائي برهان واني پيدا ٿيا آهن.



from Awami Awaz http://ift.tt/2E36xTg
via IFTTT

No comments:

Post a Comment