Tuesday, February 6, 2018

ايم ڪيو ايم جي ڌڙا بندي تي افسوس آهي، رائو انوار کي پيش ٿيڻ گهرجي: مراد علي شاهه

سکر ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته نواز شريف پنهنجي ڪمزورين جو الزام پ پ تي هڻي رهيو آهي، رائو انوار کي پيش ٿيڻ گهرجي. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪراچيءَ ۾ فائرنگ جو نشانو بڻيل چيني شهرين کي گارڊ فراهم ڪيا ويا هئا، سنڌ سرڪار جي ڪبه ڪوتاهي ناهي. هن چيو ته سي پيڪ جا مخالف چيني شهرين کي نشانو بڻائي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ امن امان سان کيڏڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏني ويندي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال سڀ کان وڌيڪ بهتر آهي. هن چيو ته رائو انوار بابت ڪميٽي جي سفارشن تي فوري طور عمل ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته جاچ ڪميٽيون پنهنجي رپورٽ پيش ڪنديون، فيصلو ڪرڻ عدليه جو ڪم آهي. مراد علي شاهه چيو ته رائو انوار هڪ جوابدار آهي، نقيب الله معاملي تي ڪميٽي جوڙي قابل آفيسرن کي شامل ڪيو ويو. هن چيو ته رائو انوار پاڻ کي بيگناهه سمجهي ٿو ته ڪميٽي اڳيان پيش ٿي. سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم ۾ اختلافن تي کيس تمام گهڻو افسوس آهي. مراد علي شاهه چيو ته ايم ڪيو ايم کي پنهنجي ماڻهن تي اعتماد ناهي ته عوام جي ڪهڙي خدمت ڪئي ويندي. هن چيو ته چيو پيو وڃي ته ڪي پي پوليس آزاد آهي، ٻڌايو وڃي ته ڪٿي آزادي آهي.



from Awami Awaz http://ift.tt/2BYxdmq
via IFTTT http://ift.tt/2nHEmmM

No comments:

Post a Comment