Tuesday, February 6, 2018

دهشتگردن اڳيان ڪڏهن به گوڏا نه کوڙينداسين: خرم دستگير

پشاور (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خرم دستگير چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردن اڳيان ڪڏهن به نه جهڪندو، پاڪ فوج جي بهادري ۽ بلند حوصلن سان قوم مضبوط ٿي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي ايم ايڇ پشاور جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي هن سوات ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن جي عيادت پڻ ڪئي. سندس چوڻ هو ته اسان جي سپاهين جو حوصلو بلند آهي، فوجين جي بهادري ۽ حوصلي سان قوم مضبوط ٿي. خرم دستگير چيو ته پاڪستان دهشتگردن اڳيان ڪڏهن به گوڏا نه کوڙيندو، دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائي ڇڏينداسين، حڪومت دهشتگرديءَ جون پاڙون پٽڻ جو پَڪو پهه ڪيو آهي.27



from Awami Awaz http://ift.tt/2EITEz2
via IFTTT http://ift.tt/2E5282o

No comments:

Post a Comment