اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ توهين عدالت نوٽيس ۾ ممڪلتي گهرو وزير طلال چوڌريءَ کي وڪيل مقرر ڪرڻ لاءِ هڪ هفتي جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي. جسٽس اعجاز افضل جي سربراهيءَ ۾ جسٽس مقبول باقر ۽ جسٽس فيصل عرب تي ٻڌل 2 رڪني بئنچ ممڪلتي گهرو وزير طلال چوڌري خلاف توهين عدالت نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران طلال چوڌري سپريم ڪورٽ کان وڪيل مقرر ڪرڻ لاءِ ٽن هفتن جو وقت طلب ڪيو ته عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي 3 هفتا ڇو ٽي سال ڇو نه؟ سپريم ڪورٽ طلال چوڌري جي درخواست رد ڪندي کيس وڪيل جون خدمتون حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ هفتي جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي. عدالت طلال چوڌري کي سبب ڄاڻايو نوٽيس جاري ڪري ڪيس جي ٻڌڻي 13 فيبوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
from Awami Awaz http://ift.tt/2EnRaII
via IFTTT http://ift.tt/2FOOYa5
No comments:
Post a Comment