ڪينبرا (اسپورٽس نيوز) عالمي چيمپيئن آسٽريليا جي فاسٽ بالر ڊوگ بولنجر هر فارميٽ جي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. نيو سائوٿ ويلز سان واسطو رکندڙ 36 ورهين جي فاسٽ بالر 39 ٽيسٽ، 124 ون ڊي ۽ 9 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ آسٽريليا جي نمائندگي ڪئي. ڊوگ بولنجر پنهنجي فرسٽ ڪلاس ڪيريئر جي شروعات 03-2002ع ۾ نيو سائوٿ ويلز طرفان ڪئي ۽ 124 ميچن تي ٻڌل ڪيريئر ۾ 411 وڪيٽون ورتيون. هن آسٽريلوي توڙي نيو سائوٿ ويلز ٽيم انتظاميا جا ٿورا مڃيندي چيو ته مان هڪ عام رانديگر هيس پر مون کي پنهنجي صلاحيت ڏيکارڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويو.27
from Awami Awaz http://ift.tt/2nGc2RK
via IFTTT http://ift.tt/2E3fcFu
No comments:
Post a Comment