Monday, February 5, 2018

مشهور ماڊل ڪيلي جينر ٻار ڄڻڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

لاس اينجلس (شوبز نيوز) آمريڪي ريئلٽي ٽي وي اسٽار ۽ مشهور ماڊل ڪيلي جينر تصديق ڪئي آهي ته هن پهرين ٻار کي جنم ڏئي ڇڏيو آهي. 20 ورهين جي ماڊل ڪيلي جينر بابت گذريل سال سيپٽمبر ۾ خبرون سامهون آيون هيون ته هوءَ اميد سان آهي پر اداڪارا انهن تي خاموش هئي، جڏهن ته هاڻ ڪيلي جينر پنهنجي انسٽاگرام ۽ ٽوئٽر تي ماءُ بڻجڻ جي تصديق ڪندي پنهنجي گھر وارن، مداحن ۽ دوستن جا ٿورا مڃيا آهن. هن پهريون ڀيرو ماءُ بڻجڻ جي احساس کي دنيا جو بهترين احساس قرار ڏنو. پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته مون پهرين فيبروري تي لاس اينجلس ۾ ڌيءُ کي جنم ڏنو، جنهن جو هن وقت ڪو نالي ناهي رکيو، هن پنهنجي اميد سان هجڻ واري خبر کي راز رکڻ بابت ٻڌايو ته هوءَ اها خبر دنيا جي سامهون نه پئي آڻڻ چاهي، ان لاءِ هن پنهنجي خوشي ۽ اچڻ واري ٻار جي بهتري جي لاءِ خاموشي اختيار ڪئي هئي.27



from Awami Awaz http://ift.tt/2GSO6Tq
via IFTTT http://ift.tt/2s5iVRa

No comments:

Post a Comment