Monday, February 5, 2018

 مالديپ ۾ ايمرجنسي لاڳو، چيف جسٽس گرفتار

مالي (ويب ڊيسڪ) مالديپ  ۾ عدليه ۽ حڪومت  وچ سخت ڇڪتاڻ کان پوءِ ايمرجنسي لاڳو ڪري ملڪ جي چيف جسٽس کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. جڏهن ته مالديپ جي صدر عبدالله يامين ملڪ ۾ 15 ڏينهن لاءِ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. جنهن جو اعلان صدارتي صلاحڪار عظيمه شڪور ٽيلي ويزن تي ڪيو، ايمر جنسي لاڳو ڪرڻ کان پوءِ صدر عبدالله يامين کي وسيع انتظامي اختيار حاصل ٿيا آهن، ان کان سواءِ سيڪورٽي اختيار ڪنهن به ماڻهو کي بغير الزام جي گرفتار ڪري سگهي ٿي. ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ سان گڏ لمڪ ۾ وڏي پيماني  تي پڪڙ ڍڪڙ شروع ٿي وئي آهي ،پوليس چيف جسٽس عبدالله سعيدسميت هڪ ٻئي جج علي حميد کي گرفتار ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. جئين ته انهن تي لاڳو الزامن جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي تفصيل فراهم ناهي ڪئي وئي.



from Awami Awaz http://ift.tt/2El7bit
via IFTTT http://ift.tt/2FOOWPv

No comments:

Post a Comment