اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ن ليگ جي اڳوڻي سينيٽر نهال هاشمي جي نااهلي کانپوءِ خالي ٿيل سيٽ تي ننڍي چونڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب نهال هاشمي جي نااهلي کانپوءِ خالي ٿيل سيٽ تي ننڍي چونڊ پهرين مارچ تي ٿيندي، جنهن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 13 فيبروري آهي، جڏهن ته انهن جي ڇنڊ ڇاڻ 15 فيبروري تي ڪئي ويندي. اليڪشن ڪميشن طرفان نامزدگي ڪاغذن جي منظوري ۽ رد ڪرڻ خلاف اپيل جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 17 فيبروري رکي وئي آهي. اپيلن تي فيصلو 19 فيبروري تي ٻڌايو ويندو ۽ 20 فيبروري تي اميدوارن جي نظرثاني جي فهرست شايع ڪئي ويندي. اميدوارن طرفان نامزدگي ڪاغذ موٽائي وٺڻ جي آخري تاريخ 21 فيبروري رکي وئي آهي. ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل لاهور ۾ پنجاب اسيمبلي جي عمارت ۾ ٿيندو.27
from Awami Awaz http://ift.tt/2nIRPuJ
via IFTTT http://ift.tt/2BYWdKu
No comments:
Post a Comment