ڪراچي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو نوجوان آل رائونڊر محمد نواز شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويو آهي. محمد نواز سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر ۾ جاري ڪيل پيغام ۾ شادي جي خبر ڏيڻ سان گڏوگڏ پنهنجي گهرواريءَ سان گڏ تصويرون به ڪيون آهن. محمد نواز پنهنجي مداحن کي مخاطب ٿيندي چيو آهي ته الحمدالله اسان جي شادي ٿي آهي ۽ اسان کي پنهنجن دعائن ۾ ياد رکجو. ٻڌايو پيو وڃي ته محمد نواز اڄڪلهه ڏکڻ آفريڪا ۾ موجود آهي، جتي هن شادي ڪئي آهي. محمد نواز جي ڪنوار ازدهار جي ٽوئيٽر اڪائونٽ موجب ان جو واسطو سعودي عرب سان آهي ۽ هن سائنس ۾ گريجوئيشن ڪئي آهي.27
from Awami Awaz http://ift.tt/2nGbGuo
via IFTTT http://ift.tt/2FLw4AW
No comments:
Post a Comment