Monday, February 5, 2018

نيوز: مٽياري: ڪشميرين سان  يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي ،  حمايت جو اعلان 

 

مٽياري ۾ يونين ڪائونسل مٽياري ۽ يونين ڪائونسل بائو ديرو پاران ڪشميرين سان  يڪجهتي لاءِ  يونين ڪائونسل آفيس  کان  مٽياري پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.

ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ مٽياري ميڊم نجمه هاليپوٽو، بچل جکريجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نڪتل ريلي ۾ شهرين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڀارت  بنا ڪنهن سبب جي ڪشميرين سان ڏاڍ ڪري رهيو آهي.

هنن چيو ته ڪشميرين سان ٿيندڙ ظلم تي عالمي ادارا توڙي انساني حقن جون تنظيمون خاموش ۽ تماشائي بڻيل آهن

هنن چيو ته پاڪستان سرڪار ۽ پاڪستان جو عوام ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهي ۽ هميشھ سندن حمايت جاري رکندو .



from Awami Awaz http://ift.tt/2EKmaR3
via IFTTT http://ift.tt/2E0RoBX

No comments:

Post a Comment