* باڊھ ۾ ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ٽائون ڪاميٽي آفيس کان حيدر چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي .
محمد پريل سومرو ، غلام نبي لنڊ ، ظفر علي پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نڪتل احتجاجي ريلي ۾ ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي هنن چيو ته مڪاني اداري پاران ملازمن جون هر مهيني پگهارون ته پابندي سان اچن ٿيون پر لاڳاپيل چيئرمين وقت سر نه ٿا ڏين ۽ ڪٽوتي ڪن ٿا جڏهن ته پينشن هولڊرن کي پينشن کان محروم رکيو پيو وڃي.
هنن چيو ته ملازم فوت ٿي وڃي ٿو ته ان جي وارثن کي ڪو رليف نٿو ڏنو وڃي ، رٽائرمينٽ بعد ملازمن کي گريجيوئٽي ۽ٻيون مراعتون به نٿيون ملن.
ملازمن لاڳاپيل کاتي جي عملدارن کان گهر ڪئي ته سندن جائز مطالبا پورا ڪري پريشاني دور ڪئي وڃي ……………..
from Awami Awaz http://ift.tt/2nFBN4Q
via IFTTT http://ift.tt/2BZpd4P
No comments:
Post a Comment