لاهور (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته راڻا ثناءُ الله جي پريس ڪانفرنس حقيقتن جي ابتڙ ۽ ڏاڍي غير ذميواراڻي هئي، ڪي پي پوليس دليري سان دهشتگردي جو مقابلو ڪيو، صوبي ۾ ڏوهه گهٽيا آهن، اغوا، قتل ۽ ڦر جي وارداتن ۾ واضح گهٽتائي ٿي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. واضح رهي ته راڻا ثناءُ الله پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ اسما ۽ عاصما راڻي ڪيس ۾ ڪي پي حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪئي هئي، جنهن جي جواب ۾ فواد چوڌري چيو ته هاڻ ننڍڙي ٻارڙيءَ جي قتل تي به سياست ٿي رهي آهي، سياست لاءِ عورتن کي به استعمال ڪيو پيو وڃي، راڻا ثناءُ الله ڪي پي پوليس جي جاچ ڪيئن ٿو بيان ڪري سگهي؟. سندس چوڻ هو ته جڏهن نواز شريف جي دل چاهيندي آهي ته عدالت هليو ويندو آهي، نه ته لنڊن هليو ويندو آهي، مٿس 3 سئو ارب چوري جو الزام آهي، اسان جي نظر ۾ نواز شريف جو وي وي آءِ پي احتساب ٿي رهيو آهي. هن چيو ته مخالفن کي عمران خان خلاف جڏهن ڪجهه ناهي ملندو ته سندس ڪردار ڪشي شروع ڪندا آهن، عدالت ۾ طلال چوڌري جي حالت قرباني جي ٻڪري جهڙي هئي.27
from Awami Awaz http://ift.tt/2sj75TZ
via IFTTT http://ift.tt/2GQFHzA
No comments:
Post a Comment