ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رينجرز اهلڪارن نيو ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪندي وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ ايمونيشن هٿ ڪري ورتا آهن. رينجرز ترجمان موجب هٿيار ۽ ايمونيشن ايم ڪيو ايم لنڊن جي ڪارڪنن نيو ڪراچي سيڪٽر 11 ايف ۾ هڪ دڪان ۾ لڪايا هئا، اهڙي ڪارروائي ڳجهي اطلاع تي ڪئي وئي. هٿيارن ۾ 4 ايس ايم جيز، پوائنٽ 223 رائفل، 45 بور رائفل، ايم 16 رائفل، موڊي فائيڊ 30 بور رائفل ۽ 7 ايم ايم رائفلون شامل آهن. رينجرز ترجمان جو چوڻ هو ته ڪارروائي دوران ساڍا 14 هزار مختلف رائونڊ به هٿ آيا آهن.27
from Awami Awaz http://ift.tt/2BYRTuE
via IFTTT http://ift.tt/2nHIxyX
No comments:
Post a Comment