Monday, February 5, 2018

ڦريل دولت واپس آڻبي، آصف زرداري کي ڪٿي لڪڻ جي جاءِ نه ملندي: شهباز شريف

قصور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته قصور ۾ زيادتي جو شڪار نينگرين جي والدين کان معافي ورتي آهي، متاثر ڪوتاهي ڪندڙن جي جاچ ڪميٽين ۾ نشاندهي ڪن. قصور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته مان زيادتي جو شڪار نينگرين جي والدين سان نظرون ملائڻ جي قابل نه هيس. هن چيو ته زيادتي ۽ قتل ٿيل نينگرين جي نالن سان اسڪول قائم ڪيا ويندا. سندس چوڻ هو ته زينب وانگر عاصمه به قوم جي نياڻي آهي، طبعيت خراب هئڻ سبب  ون کي قصور اچڻ ۾ دير ٿي. شهباز شريف چيو ته اسپتالن ۾ علاج جون سهولتون بهتر ڪري رهيا آهن، في الحال سياست ڪرڻ جو وقت ناهي. هن چيو ته پنجاب جي مختلف علائقن ۾ 45 موبائيل اسپتالون آڻي رهيا آهيون، صحت جي شعبي ۾ نئين سوچ پيدا ڪري رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته ڊي ايڇ ڪيو اسپتالن ۾ 700 الٽرا سائونڊ مشينون آڻي رهيا آهيون،  مريضن جي سي ٽي اسڪين بلڪل مفت ٿيندي. شهباز شريف  سي ٽي اسڪين ٺاهيندڙ ڪمپنيون پاڻ مشينون لڳائينديون ۽ هلائينديون. هن چيو ته پنجاب فارنزڪ ليب ايشيا جي بهترين ليب آهي، اسڪاٽ لينڊ کان نمونا به هتي موڪليا ويا. شهباز شريف چيو ته ڦريل دولت واپس آندي ويندي ۽ پوءِ زرداري کي ڪٿي لڪڻ جي جاءِ نه ملندي.



from Awami Awaz http://ift.tt/2s3Pmj0
via IFTTT

No comments:

Post a Comment