لاهور(ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪار احسن خان چيو آهي ته فلمن ۽ ڊرامن جي دنيا ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. پاڻ کي رڳو سنجيده ڪردارن تائين محدود نٿو رکڻ چاهيان. ماضي ۾ مون کي هميشه هر ڊرامي ۾ سنجيده اداڪاري ڪرڻ جو موقعو مليو. پنهنجي تازي ڳالهه ٻولهه ۾ اداڪارا احسن خان چيو ته ڪڏهن ڪڏهن مون کي خوشي به ٿيندي آهي ته شوقين مون کي ان روپ ۾ گهڻو پسند ڪندا آهن. پر هاڻ آئون ايڪشن ۽ رومانس تي ٻڌل رول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيان. هن وڌيڪ ٻڌايو ته منهنجي فلم پرچي اميد کان وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. فلم جي ڪاميابي جو ڪريڊٽ سڄي ٽيم ڏانهن وڃي ٿو ڇو ته ان ۾ ڪنهن هڪڙي فرد جو ڪردار ناهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جڏهن توهان ڪو ڪم گڏجي ۽ دل سان ڪندا آهيو ته ان جي ڪاميابي جا امڪان سئو سيڪڙو هوندا آهن.
from Awami Awaz http://ift.tt/2E0M3Pj
via IFTTT http://ift.tt/2nIIzGf
No comments:
Post a Comment