Tuesday, February 6, 2018

سينيٽ چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ ڪندڙ کي سڀ ڄاڻن ٿا: خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ ڪندڙ جي سڀني کي خبر آهي. صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته ن ليگ سڀاڻي تائين سينيٽ اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيندي، آصف زرداري کي پهرين حڪومت نواز شريف ئي ڏني هئي، جنهن جو مان اکين ڏٺو شاهد آهيان. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن 3 مارچ تي سينيٽ چونڊن لاءِ پولنگ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن لاءِ نامزدگي ڪاغذ 4 کان 6 فيبروري تائين جمع ڪرائي سگهبا، جڏهن ته ڪاغذن جي جاچ پڙتال 9 فيبروري تائين مڪمل ڪئي ويندي.27



from Awami Awaz http://ift.tt/2EJeEWm
via IFTTT http://ift.tt/2E51v8N

No comments:

Post a Comment