لاهور ( ويب ڊيسڪ ) دهشتگرديءَ جي خاتمي واري عدالت قصور جي معصوم زينب جي قاتل عمران عرف مانا کي وڌيڪ ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. قصور جي نينگري زينب جي قاتل عمران علي کي دهشتگرديءَ جي خاتمي واري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر رپورٽ پيش ڪندي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي. جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار زينب سميت 8 ٻارڙين کي اغوا ڪري قتل ڪيو جنهن جي جاچ جاري آهي تنهن ڪري جوابدار جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ واڌ ڪئي وڃي. عدالت جوابدار کي وڌيڪ ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
from Awami Awaz http://ift.tt/2EL6n4l
via IFTTT http://ift.tt/2E6EP8v
No comments:
Post a Comment