Tuesday, February 6, 2018

رابطا ڪميٽي فاروق ستار کي پرچائڻ ۾ ناڪام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رابطا ڪميٽي جو 3 رڪني وفد ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه کي پرچائڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ فاروق ستار وفد اڳيان پنهنجا شرط رکي ڇڏيا آهن. سيد سردار احمد، رئوف صديقي ۽ جاويد حنيف تي ٻڌل 3 رڪني وفد فاروق ستار سان ملاقات ڪري اڄ جنرل ورڪرز اجلاس رد ڪرڻ ۽ فاروق ستار طرفان بهادر آباد ۾ اجلاس جي صدارت ڪرڻ جو شرط رکيو هو پر وفد فاروق ستار کي مطمئن ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. ذريعن موجب فاروق ستار کي وفد جي ميمبر رئوف صديقي چيو ته اسان توهان جو احترام ڪيون ٿا، توهان جي اسان جا سربراهه آهيو. سيد سردار احمد چيو ته اهو گهر جو معاملو آهي ۽ گهر ۾ ئي حل ٿئي ته بهتر آهي. جواب ۾ فاروق ستار چيو ته مان توهان جو احترام ڪيان ٿو پر ڪير به منهنجي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، مان ڇا ڪيان. ان موقعي تي فاروق ستار تجويز پيش ڪئي ته جنرل ورڪرز اجلاس ۾ سڀ اچي وڃن، هاڻ اجلاس ۾ ئي فيصلو ٿيندو.27



from Awami Awaz http://ift.tt/2BZZKYK
via IFTTT http://ift.tt/2nHZJo2

No comments:

Post a Comment