لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته مان رانديگرن تي ڄاڻي واڻي ڪاوڙ ناهيان ڪندو، منهنجي ڪپتاني جو انداز ئي اهڙو آهي. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد جو چوڻ هو ته نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ ڪاميابيءَ جو ڪريڊٽ نوجوان رانديگرن ڏانهن وڃي ٿو، جڏهن ته سينيئر رانديگرن لاءِ ٽيم ۾ ڪي ڏکيائيون ناهن. هن چيو ته حسن علي ٽيم لاءِ کيڏندو آهي، ميدان ۾ جيڪو ڪجهه به ٿيو اهو ماضي جو حصو آهي. سرفراز احمد چيو ته جيڪڏهن اڳتي به ضرورت پئي ته چوٿين نمبر تي بيٽنگ ڪندي، پاڪستان سپر ليگ جو فائنل ڪراچي ۾ ٿيڻ خوشي جي ڳالهه آهي.27
from Awami Awaz http://ift.tt/2nGbQC0
via IFTTT http://ift.tt/2FMWRgo
No comments:
Post a Comment