ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا چيو آهي ته هن وقت تائين سندس زندگي تي فلم جي حوالي سان حتمي طور تي ڪجهه به طئي ناهي ٿيو، تنهن هوندي هن کي پنهنجي ذاتي زندگي ظاهر ڪرڻ لاءِ تيار ٿيڻ ۾ ڪجهه وقت لڳندو. روهٽ شيٽي طرفان فلم بڻائڻ ۾ دلچسپي جي حوالي سان ثانيا مرزا چيو ته مون ڪجهه ماڻهن کان ان بابت ٻڌ آهي پر حتمي طور تي ڪو به فيصلو ناهي ٿيو تنهن هوندي ساڻس اسان جون ڳالهيون جاري آهن. ميڊيا جي رپورٽن موجب ثانيا مرزا هڪ فيشن شو ۾ حصو ورتو تنهن هوندي ان بابت هن چيو ته آئون فيشن جي باري ۾ وڌيڪ نٿي ڄاڻان، ان سلسلي ۾ پنهنجي ڀيڻ جي ٿورائتي آهيان اها ئي منهنجي مدد ڪندي رهندي آهي. پنهنجي لباس جي باري ۾ ثانيا چيو ته آئون اهي ئي ڪپڙا پائڻ پسند ڪندي آهيان جنهن ۾ پاڻ کي آرام ده محسوس ڪيان.
from Awami Awaz http://ift.tt/2E387bZ
via IFTTT http://ift.tt/2nN0ewa
No comments:
Post a Comment