Tuesday, February 6, 2018

ڊاڪٽر فاروق ستار ايم ڪيو ايم جو 12 هون رانديگر آهي: رضا هارون

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪ سرزمين پارٽي جي اڳواڻ رضا هارون چيو آهي ته ڊاڪٽر فاروق ستار ايم ڪيو ايم پاڪستان جو 12 هون رانديگر آهي، اڄ ايم ڪيو ايم ڪهڙي آهي اهو پتو لڳائڻ جي ضرورت آهي. اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي رضا هارون چيو ته ملڪ ۾ ڪٿي جمهوريت نظر نه اچي رهي آهي، فاروق ستار جنهن ايم ڪيو ايم جي ڳالهه ڪري رهيو آهي تنهن جو ڪردار شڪي آهي. هن چيو ته سنڌ مسئلن جو شڪار آهي ڪراچي جا شهري زهريلو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن، ايم ڪيو ايم ڪارڪردگي نه ڏيکاري آهي پر سينيٽ جي ٽڪيٽ تي وڙهي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته اڳتي عام چونڊون آهن، مستقبل ۾ اهي هڪ ٻي جي گهر تي حملا ڪيا ويندا. رضا هارون چيو ته ايم ڪيو ايم جا موجوده اڳواڻ قيادت جا اهل نه آهن،  پاڪ سرزمين پارٽي جا در کليل آهن، ايم ڪيو ايم مان جيڪو چاهي اچي سگهي ٿو.  هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي متبادل پارٽي ڪراچي ۾ اچي چڪي آهي.



from Awami Awaz http://ift.tt/2BYEcMf
via IFTTT http://ift.tt/2nCDOPi

No comments:

Post a Comment