لاهور ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته ووٽ جو معيار رڳو گارگند رهجي ويو آهي، جيڪو جيتريون گاريون ڏيندو تنهن کي وڌيڪ شهرت ملندي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته اسان جا ڪنڌ وڍجي ويا پر اسان ملڪ ٽوڙڻ جي ڳالهه نه ڪئي، پ پ جي باني کي ڦاهي ڏني وئي، بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو پر پوءِ به پاڪستان جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ڪشمير جو ذڪر نه ڪرڻ تي افسوس آهي، ڪشمير سان ٻڌيءَ جو ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته اسان جي دور ۾ مولانا فضل الرحمان ڪشمير مسئلي تي تمام گهڻو ڪم ڪيو، هزار سال جنگ جي ڳالهه به اسان جي قيادت ڪئي، اسان مرڻ گهڙي تائين ڪشمير سان گڏ هونداسين.
from Awami Awaz http://ift.tt/2Ep97GC
via IFTTT http://ift.tt/2FPyKxt
No comments:
Post a Comment