پشاور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خيبرپختونخواهه ۾ بلين ٽري سونامي منصوبي کي پنهنجي ڪاميابي قرار ڏنو پر هاڻ سرڪاري دستاويزن مان خبر پئي آهي ته صوبي ۾ رڳو 22 ڪروڙ 14 لک وڻ پوکيا ويا. خيبرپختونخواهه حڪومت ڪجهه وقت اڳ بلين ٽري نالي منصوبو شروع ڪيو جنهن تحت سڄي صوبي ۾ هڪ ارب ٻوٽا پوکڻا هيا. ان منصوبي کي صوبائي حڪومت ۽ پاڻ عمران خان سڀ کان وڏو ڪامياب منصوبو قرار ڏنو ۽ انهيءَ تحت هڪ صلاحڪار اشتياق ارمڙ کي وزير به بڻايو ويو پر سرڪاري دستاويزن مان خبر پئي آهي ته اهي ٻوٽا هڪ ارب نه پر 22 ڪروڙ 14 لک آهن. سرڪاري دستاويزن موجب مالاڪنڊ ڊويزن ۾ 11 ڪروڙ 18 لک 12 هزار 225 جڏهن ته ڊيرا اسماعيل خان ڊويزن ۾ هڪ ڪروڙ 21 لک 23 هزار 958 ٻوٽا پوکيا ويا. ائين ئي هزاره ڊويزن ۾ 8 ڪروڙ، 27 لک 69 هزار 908 ۽ ڪوهاٽ ڊويزن ۾ 84 لک 22 هزار 861 جڏهن ته مردان ڊويزن ۾ 63 لک 5 هزار 133 ٻوٽا پوکيا ويا. ٻئي پاسي بلين ٽري منصوبي جي پراجيڪٽ جي ڊائريڪٽر 40 ڪروڙ ٻوٽا لڳائڻ جي دعويٰ ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ آهي ته 24 ڪروڙ ٻوٽا حڪومت لڳايا جڏهن ته 16 ڪروڙ ٻوٽا ماڻهن ۾ ورهايا ويا.
from Awami Awaz http://ift.tt/2nCY3fG
via IFTTT http://ift.tt/2BW7Wt7
No comments:
Post a Comment