Monday, February 5, 2018

اسما سان زيادتي جي تصديق نه ٿي ۽ نه ئي کيس قتل ڪيو ويو: پي ٽي آءِ اڳواڻ

مردان(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي صوبائي اسيمبلي ميمبر افتخار مشواڻي دعويٰ ڪئي آهي ته فرانزڪ رپورٽ ۾ مردان جي 4 سالن جي اسما سان زيادتي جي تصديق ناهي ٿي ۽ نه ئي کيس قتل ڪيو ويو پر هن جو موت طبي آهي. فرانزڪ رپورٽ ۾ ٻارڙي سان زيادتي جي تصديقي رپورٽ جي ترديد ڪندي افتخار مشواڻي چيو ته ضلعي ناظم ٻارڙي سان زيادتي جو الزام لڳائي پنهنجي سياست چمڪائڻ چاهي ٿو. مردان جي علائقي گوجر ڳڙهي ۾ اسما قتل خلاف عوامي نيشنل پارٽي ( اي اين پي) پاڪستان تحريڪ انصاف ( پي ٽي آءِ) الڳ الڳ ريليون ڪڍيون. پي ٽي آءِ جي امن ريلي جي قيادت صوبائي اسيمبلي ميمبر افتخار مشواڻي ڪئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي هن اها دعويٰ ڪئي ته فرانزڪ رپورٽ ۾ اسما سان زيادتي جي تصديق ناهي ٿي، ضلعي ناظم زيادتي جو الزام لڳائي پنهنجي سياست چمڪائي رهيو آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ٻارڙي سان زيادتي ناهي ٿي ۽ نه ئي کيس قتل ڪيو ويو پر سندس موت طبي آهي.  ريلي ۾ اسما جي وارثن به شرڪت ڪئي، ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ اسما جي والد بهرام خان به دعويٰ ڪئي ته سندس ٻارڙي سان جنسي زيادتي ناهي ٿي ۽ ٻارڙي کي غسل ڏيڻ دوران به جسم تي تشدد جو ڪو به نشان نه هو.



from Awami Awaz http://ift.tt/2nJTCPr
via IFTTT http://ift.tt/2E2Nz3p

No comments:

Post a Comment