Monday, February 5, 2018

7 سالن جي ٻارڙي سان جنسي ڌاڍائي جي ڪوشش ڪندڙ استاد گرفتار

پشاور(ويب ڊيسڪ) پوليس 7 سالن جي ٻارڙي سان جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ڪندڙ اسڪول جي ماستر کي گرفتار ڪري ورتو. تفصيل موجب خيبرپختونخواهه جي شهر پشاور ۾ مندني شو ڊاگ واري علائقي ۾ پوليس هڪ اسڪول ٽيچر کي گرفتار ڪيو آهي جنهن 7 سالن جي ٻارڙي سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي. پوليس جوابدار خلاف چائلڊ پروٽيڪشن ايڪٽ جي تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي. ڊي پي او ظهور آفريدي جو چوڻ آهي ته جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻارڙي جي ميڊيڪل رپورٽ کان پوءِ وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.



from Awami Awaz http://ift.tt/2s9DNHd
via IFTTT http://ift.tt/2GS3wqP

No comments:

Post a Comment