پنجگور(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي پنجگور ۾ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو جڏهن ته ٻارن سميت ڪيترائي ڄڻا زخمي ٿي پيا. تفصيل موجب ضلعي پنجگور جي چتڪان بازار ۾ بسم الله چوڪ تي بم ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ ٻارن سميت ڪيترائي ڄڻا زخمي ٿي پيا. واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون ۽ امدادي ڪارروائيون ڪندي بم ڌماڪي ۾ مارجي ويل شخص جي لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال پنجگور منتقل ڪيو جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪيدار مادو موٽر سائيڪل ۾ لڳل هيو جيڪو ريموٽ ڪنٽرول ڊيوائس جي ذريعي ڪيو ويو. ڌماڪي کان پوءِ علائقي کي ڪڙو چاڙهي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
from Awami Awaz http://ift.tt/2sgnzfB
via IFTTT http://ift.tt/2GR9oR6
No comments:
Post a Comment