ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ رينجرز جي خاص اختيارن جي مدي ۾ 90 ڏينهن تائين واڌ ڪئي وئي آهي. صوبائي توڙي وفاقي گهرو وزارت جي منظوري کانپوءِ سنڌ رينجرز کي ڪراچي ۾ حاصل پوليس جي اختيارن ۾ 90 ڏينهن جي واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. ڪراچي ۾ رينجرز کي اهي اختيار 1997ع جي دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ تحت ڏنا ويا هئا، جن کي هاڻ 10 اپريل 2018ع تائين واڌ ڏني وئي آهي. 1997ع جي دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ موجب رينجرز ڪراچي ۾ ڏوهارين ۽ شڪي دهشتگردن خلاف آزاداڻيون ڪارروايون ڪري سگهي ٿي.27
from Awami Awaz http://ift.tt/2Bc2sOi
via IFTTT http://ift.tt/2BHL3Oi
No comments:
Post a Comment