Tuesday, February 6, 2018

جن جو چونڊ نشان ئي حيوان آهي، انهن کي حيوان چئي ڪهڙو ڏوهه ڪيو: قمر زمان ڪائرا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ پنجاب جي صدر قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته حيوان چوڻ اسان جي مخالفن کي ڏاڍو خراب لڳو آهي، جن جو چونڊ نشان ئي حيوان آهي ته انهن کي حيوان چئي ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته پ پ ڪالهه لاهور ۾ وڏو جلسو ڪيو، جنهن تي ڪيترن ئي هنڌن کان رڙين جو آواز اچي رهيو آهي، گذريل ڏينهن ڪيل جلسي ۾ شريف ڀائرن کي حيوان چوڻ مخالفن کي ڏاڍو خراب لڳو آهي. هن چيو ته شهباز شريف عوامي ميڙاڪن ۾ پ پ اڳواڻن خلاف جيڪا ٻولي استعمال ڪندو آهي، اها سڀني کي خبر آهي. قمر زمان ڪائرا چيو ته ڪيپٽن (ر) صفدر جي سهري ملڪ جو سياسي ڪلچر ختم ڪري ڇڏيو، اسان ملڪي توڙي عالمي عدالتن مان آزاد ٿي چڪا آهيون.27



from Awami Awaz http://ift.tt/2Be2zsD
via IFTTT http://ift.tt/2BGQbSP

No comments:

Post a Comment