Monday, February 5, 2018

طاقتور عورتن وچ ۾ واڌ ويجهه ٿي، روئڻ ناهي ايندو، انڊسٽري ۾ آل رائونڊر طور پاڻ مڃرايو: ميشا شفيع

لاهور(شوبز نيوز) فنڪارا ۽ اداڪارا ميشا شفيع چيو آهي ته انڊسٽري ۾ پاڻ کي آل رائونڊر جي حيثيت سان مڃرائي ورتو آهي، ماڊلنگ، فنڪاري ۽ اداڪاري وارن شعبن ۾ پاڻ مڃرائي چڪي آهيان، منهنجي واڌ ويجهه طاقتور عورتن جي وچ ۾ ٿي آهي ان ڪري مون کي روئڻ بلڪل ناهي ايندو، پنهنجين ناڪامين تي پڇتائڻ وارا ڪڏهن به ڪامياب ناهن ٿيندا. هڪ انٽرويو ۾ فنڪارا ٻڌايو ته استاد نصرت فتح علي خان ۽ ريشما منهنجي پسنديده فنڪار آهن جڏهن ته موجوده فور ۾ علي عظمت جي موسيقي سڀ کان وڌيڪ پسند آهي ان کي هميشه ٻڌندي رهندي آهيان. منهنجين ڪاميابين جو آغاز 15 سال اڳ ٿيو هيو پر مون کي اصل شهرت عارف لوهار سان ” جگني“ گاني ذريعي ملي جڏهن ته منهنجو ٻيون ڪامياب گانو ” چوري چوري“ آهي جيڪو ڪوڪ اسٽوڊيو جي پليٽ فارم تي ڳايو هيم.



from Awami Awaz http://ift.tt/2nAuyv2
via IFTTT http://ift.tt/2BXOX19

No comments:

Post a Comment