Monday, February 5, 2018

جلد ئي پنهنجي فلمي پراجيڪٽ تي ڪم شروع ڪنديس: ايمان علي

لاهور(شوبز نيوز) اداڪارا ايمان علي چيو آهي ته هو جلد ئي پنهنجي فلمي ڪيريئر تي ڪم شروع ڪندي. تفصيل موجب ايمان علي رائٽر طور فلم جو اسڪرپٽ تخليق ڪيو آهي جنهن تي هوءَ پاڻ اداڪاري ڪندي. ان حوالي سان ماڊلنگ ۽ اداڪاري مان شهرت حاصل ڪندڙ ايمان علي چيو ته هن وقت تائين مون پاڻ فلم جي ڊائريڪشن جو فيصلو ناهي ڪيو ۽ ممڪن آهي ته فلم جي هدايتڪاري جون ذميواريون شعيب منصور به ادا ڪري سگهي ٿو تنهن هوندي اڃاڻ اهو فيصلو ناهي ٿي سگهيو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته فلم جي ڪاسٽ کي فائنل ڪيو پيو وڃي. اميد آهي ته فلم ۾ ايمان علي جي ننڍي ڀيڻ به اداڪاري ڪندي نظر ايندي.



from Awami Awaz http://ift.tt/2nAuwmU
via IFTTT http://ift.tt/2BXOMTx

No comments:

Post a Comment