Monday, February 5, 2018

”را“ ۽ ” اين ڊي ايس“ گلگت بلتستان ۾ سي پيڪ کي نقصان پهچائي سگهن ٿيون: بي بي سي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) برطانوي خابرو اداري بي بي سي جو چوڻ آهي ته ” را“ ۽ ” اين ڊي ايس“ گلگت بلتستان ۾ پاڪ چين راهداري منصوبي  کي نقصان پهچائڻ جي منصوبابندي ڪري رهيا آهن. برطانوي خابرو اداري بي بي سي موجب گهرو وزارت طرفان حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ گلگت بلتستان حڪوتم کي صوبي ۾ سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڀارت ۽ افغانستان جون ڳجهيون ايجنسوين ”را“ ۽ ” اين ڊي ايس“ گلگت بلتستان ۾ پاڪ چين راهداري منصوبن کي نقصان پهچائي سگهن ٿيون جنهن لاءِ ٻنهي ملڪن جي ڳجهين ايجنسين منصوبابندي به ڪئي آهي. گهرو وزارت طرفان جاري حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردي جي خطري کي نظر ۾ رکندي صوبي ۾ جاري سي پيڪ سان سلهاڙيل سمورن منصوبن جي سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪئي وڃي.



from Awami Awaz http://ift.tt/2E0TMc1
via IFTTT http://ift.tt/2EHXiJG

No comments:

Post a Comment