Monday, February 5, 2018

موچي گيٽ ۾ پيپلز پارٽي جو جلسو، لوهه جي ڏاڪڻ ڪِرڻ سبب ڪيترائي جيالا زخمي

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور جي علائقي موچي گيٽ تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي جلسي دوران پنڊال جي وچ ۾ موجود لوهه جي ڏاڪڻ ڪِري پئي جنهن تي ڪيترائي جيالا چڙهيل هيا. ڏاڪڻ ڪِرڻ سبب ڪيترائي جيالا زخمي ٿي پيا. ريسڪيو اختيارين موجب موچي گيٽ ۾ پيپلز پارٽي جي جلسي گاهه ۾ هڪ لوهه جي ڏاڪڻ ڪري پئي، اها ڏاڪڻ جلسي گاهه جي پنڊال ۾ موجود هئي جيڪا زبون حال ۾ هئي، ڪيترائي جيالا پارٽي سربراهه کي ڏسڻ لاءِ ان لوهه جي ڏاڪڻ تي چڙهيا، زبون حال ڏاڪڻ گهڻن ماڻهن جو بار برداشت نه ڪري سگهي ۽ هيٺ ڪري پئي جنهن سبب ڪيترائي ڄڻا زخمي ٿي پيا.



from Awami Awaz http://ift.tt/2FNvAuh
via IFTTT http://ift.tt/2EdIpB1

No comments:

Post a Comment