Monday, February 5, 2018

منهنجا هٿ صاف آهن، نااهل نه ڪيو وڃي ها ته ڪو به بيروزگار نه رهي ها: نواز شريف

مظفر آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته منهنجا هٿ صاف آهن، حسن نواز کان پگهار نه وٺڻ تي مون کي نااهل ڪيو ويو. مظفر آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته منهنجا وڏا پروگرام هئا پر نااهل ڪري سڀني پروگرامن تي پاڻي ڦيريو ويو، ووٽ کي عزت ملڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن عوام جو مون تي ڀروسو آهي ته مون کي نااهل ڇو ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان مان فارغ ٿي ويو آهيان ته آزاد ڪشمير جو وزيراعظم منهنجي مظفر آباد ۾ ڊيوٽي لڳائي مان ان قابل آهيان ته عوام جي خدمت ڪري سگهان. نواز شريف چيو ته  آزاد ڪشمير ۾ روڊن جو ڄار وڇايو ويندو، علائقي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وينداسين. هن چيو ته نيڪ نيتي هجي ته دعائون قبول ٿي وينديون آهن. هن چيو ته مظفر آباد به لاهور وانگر ترقي ڪندڙ علائقو بڻجي ويندو. سندس چوڻ هو ته پئسن سان محبت خريد نه ڪئي ويندي آهي الله دلين ۾ وجهندو آهي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته منهنجي نااهلي جو فيصلو نه اچي ها ته سڀني وٽ روزگار هجي ها. هن چيو ته هر فورم تي ڪشميرين جي ڳالهه ڪئي آهي، سڀاڻي به فرض سرانجام ڏيندو رهندس. سندس چوڻ هو ته جتي جتي ممڪن هوندو ڪسميرين جو مسئلو اٿاريندو رهندس. نواز شريف چيو ته ڪشميرين جو ڪو وار به ونگو نه ٿو ڪري سگهي، آزادي جي تحريڪ ضرور ڪامياب ٿيندي. هن چيو ته ڪشميري بهادري ۽ جرئت جي نئين تاريخ لکي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته ڪشميري شهيد ٿيندا آهن ته پاڪستاني جهنڊي ۾ کين دفن ڪيو ويندو آهي. نواز شريف چيو ته والاريل ڪشمير ۾ پيلٽ گنز سان ڪشميري نابين ٿي رهيا آهن، ڪشميرين کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. هن چيو ته والاريل ڪشمير جا ماڻهو پاڻ کي اڪيلو نه سمجهن.



from Awami Awaz http://ift.tt/2BWmcCh
via IFTTT http://ift.tt/2nCKQDC

No comments:

Post a Comment