Monday, February 5, 2018

مالديپ فوج پارليامينٽ جي قبضو ڪري اسيمبلي ميمبرن کي گرفتار ڪري ورتو

مالي(ويب ڊيسڪ) مالديپ ۾ سيڪيورٽي فورسز ملڪ جي پارليامينٽ کي بند ڪري مخالف ڌر جي ٻن اڳواڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب مالديت جي عدالت عظميٰ 2 ڏينهن اڳ فيصلو ٻڌايو هو ته جلاوطن اڳوڻي صدر محمد نشيد جو ٽرائل غير آئيني آهي ۽ 9 پارليامينٽ ميمبرن جي آزادي جو حڪم ڏيندي اڳوڻي صدر سميت مخالف ڌر جي ٻين اڳواڻن جي نئين سر ٽرائل جو حڪم ڏنو هو.  انهن ميمبرن جي آزادي جي صورت ۾ پارليامينٽ  ۾ مخالف ڌر اڳواڻ کي ٻيهر اڪثريت حاصل ٿي ويندي. حڪومت عدالت جي حڪم تي عملدرآمد ڪرڻ تي انڪار ڪندي پارليامينٽ کي معطل ڪري ڇڏيو هو. اٽارني جنرل جي پريس ڪانفرنس ۾ فوج ۽ پوليس اعليٰ اختيارين کي حڪومت جي بچاءَ ۾ پنهنجي جانين جو حلف کڻائيندي به ڏيکاريو ويو آهي ۽ حڪومت جي حڪم کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز ملڪ جي پارليامينٽ کي قبضي ۾ آڻي مخالف ڌر جي ٻن اڳواڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.



from Awami Awaz http://ift.tt/2s9tG5c
via IFTTT http://ift.tt/2GR6ImK

No comments:

Post a Comment