واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سلامتي جي مد ۾ ڏني ويندڙ آمريڪي مالي امداد جي معطلي ختم ڪري سگهجي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار آمريڪا جي نائب پرڏيهي سيڪريٽري جان ساليون سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت ڪميٽي سان ڳالهائيندي ڪيو، ان سان گڏوگڏ ساليون شرط رکندي چيو ته اهو رڳو ان ئي صورت ۾ ممڪن آهي، جڏهن پاڪستان پنهنجي سرزمين تي سرگرم ويڙهاڪ گروپن خلاف فيصلائتي ڪارروائي ڪندو. واضح رهي ته آمريڪا گذريل مهيني پاڪستان کي مالي امداد جي ادائيگي معطل ڪري ڇڏي هئي، واشنگٽن اختيارين موجب مطالبو آهي ته اسلام آباد پنهنجي ملڪي حدن ۾ موجود افغان طالبان ۽ حقاني نيٽ ورڪ خلاف ڪارروائي ڪري.27
from Awami Awaz http://ift.tt/2E44CSw
via IFTTT http://ift.tt/2nOF5Sj
No comments:
Post a Comment