اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نقيب الله محسود جو ڪيس صوبائي حڪومت جو ناهي پر ياست جو معاملو آهي، نوجوان جو عدالت کان مٿانهون قتل ڪندڙن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ سڀ وسيلا استعمال ڪنداسين. رپورٽن موجب قبائلين جي جرڳي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران جرڳي جي ميمبرن نقيب الله محسود جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، جنهن تي وزيراعظم چيو ته نقيب الله ڪيس ۾ انصاف جي سڀني تقاضن کي پورو ڪيو ويندو، قاتلن جي گرفتاري لاءِ سڀ وسيلا استعمال ڪيا ويندا. هن چيو ته سڄي قوم قبائلي علائقن جي عوام جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قبائلي عوام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. ان موقعي تي وزيراعظم اعلان ڪيو ته نقيب الله محسود جي نالي سان وزيرستان ۾ ڪاليج تعمير ڪرايو ويندو.27
from Awami Awaz http://ift.tt/2Bch0NU
via IFTTT http://ift.tt/2BJuqSz
No comments:
Post a Comment