Monday, February 5, 2018

پاڻ کي ڪشميري سڏرائيندڙن اڄ ڪشمير جي ڏهاڙي تي ڪشمير بابت هڪ لفظ به نه ڳالهايو: اعتزاز احسن

لاهور(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چوڌري اعتزاز احسن چيو آهي ته  پاڻ کي ڪشميري سڏرائيندڙن اڄ ڪشمير جي ڏهاڙي تي ڪشمير بابت هڪ لفظ به نه ڳالهايو. شريفن جو بنيادي اصول آهي ته ڪمزور ماڻهو کي ساهه کڻڻ ناهي ڏيڻو. لاهور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي اعتزاز احسن چيو ته ٻئي شريف ڀائر سعودي عرب ڀڄي ويندا آهن جڏهن ته  ٻئي ڀائر الڳ الڳ اڏامن ذريعي واپس موٽيا. اهي ماڻهو سعودي عرب جي ننڍڙن شهزادن سان ملندا آهن ڇو ته وڏا شهزادي کين وقت ئي ناهن ڏيندا. هن چيو ته هنن عدليه کي آسان هف بڻايو ڇڏيو آهي، پنهنجي تقرير ۾ نواز شريف عدليه ۽ فوج جي جنگ جا دليل ڏنا، نواز شريف پهريون ڀيرو مظفرآباد ۾ ڪشمير ڊي تي تقرير ڪئي آهي. هن چيو ته نواز شريف چوي ٿو ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو؟ نواز شريف صاحب، زرداري صاحب توهان کي ٻڌايو ڇڏيو ته توهان کي ڇو ڪڍيو ويو توهان ڌرتي تي بار هئا ان ڪري توهان کي ڪڍيو ويو.



from Awami Awaz http://ift.tt/2BVV7iF
via IFTTT http://ift.tt/2nDRf18

No comments:

Post a Comment