Monday, February 5, 2018

محسود قبيلي جي ڌرڻي ۾ پيپلز پارٽي جي وفد تي جوتن ۽ بوتلن سان حملو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ جاري محسود قبيلي جي ڌرڻي ۾ مڇريل ماڻهن پيپلز پارٽي جي وفد تي جوتا ۽ بوتلون اڇليون. اسلام آباد ۾ نيشنل پريس ڪلب جي سامهون 4 ڏينهن کان محسود قبيلي جو ڌرڻو جاري آهي جنهڻ ۾ ڪراچي ۾ نقيب الله محسود جي قاتل ايس ايس پي رائو انوار جي گرفتاري سميت ڪيترائي مطالبا شامل آهن. ڌرڻي ۾ مختلف سياسي ۽ مذهبي پارٽين جا اڳواڻ ۽ وفد شرڪت لاءِ اچي رهيا آهن. پيپلز پارٽي جي نمائندي وفد عامر فدا پراچا جي سربراهي ۾ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي ۽ جيئن ئي هو تقرير لاءِ اسٽيج تي پهتو ته مڇڙيل ماڻهن مٿن جوتا ۽ پاڻي جون بولتون اڇلايون تنهن هوندي هو پاڻ محفوظ رهيو .مڇريل ماڻهن طرفان شيم شيم جا نعرا به لڳايا ويا پر اتي موجود قبائلي اڳواڻن مڇريل نوجوانن کي ٻاهر ڪڍيو.



from Awami Awaz http://ift.tt/2E2oL7n
via IFTTT http://ift.tt/2EILpDg

No comments:

Post a Comment