Monday, February 5, 2018

عمران خان کي ڊونلڊ ٽرمپ وانگر پنهنجي وارن جي ڳڻتي آهي: برطانوي مئگزين

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) هڪ برطانوي مئگزين طرفان شايع ڪيل تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي انٽرويو ۽ سندس شخصيت جي تجزئي ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان کي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وانگر پنهنجي وارن جي ڳڻتي آهي ۽ مٿس ٽرمپ وانگر جنسي طور هيسائڻ جو الزام به آهي. دي سنڊي ٽائيمز موجب انٽرويو ڪندڙ بين جوڊاهه لکيو آهي ته مون کي عمران خان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جهڙو لڳو.  اخبار موجب ٽرمپ وانگر ئي عمران خان پوڙهو آهي پر کيس پنهنجي وارن جي تمام گهڻي ڳڻتي آهي ۽ ٽرمپ وانگر مٿس جنسي طور هيسائڻ جو الزام  به هنيو ويو آهي. انٽرويو ڪندڙ موجب عائشه گلالئي جي الزام بابت عمران خان سان ڳالهايو ويو ته هن پنهنجي هٿ ۾ جهليل تسبيح جا داڻا وڌيڪ تيزيءَ سان گهمائڻ شروع ڪيا ۽ چيو ته عائشه مٿس الزام هڻڻ لاءِ پئسا ورتا آهن. پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته ٽرمپ تمام گهڻو بورنگ شخص آهي، هن ۾ روحانيت بلڪل ناهي، جيڪڏهن مان روحانيت طرف راغب نه ٿيان ها ته سياست ئي نه ڪيان ها. انٽرويو ڪندڙ چيو ته عمران خان جيڪو ڊيلي مرر لاءِ مختصر لباس ۾ سامهون اچي چڪو آهي هڪ اهڙي شخص جي روپ ۾ سامهون آيو آهي جنهن کي طالبان پاڪستان جو ليڊر بڻائڻ چاهين ٿا. عمران خان چيو ته ماڻهو مون تي کلندا هئا پر مون کي خبر هئي ته مان ڪامياب ٿي ويندس. پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته مان چائنا ماڊل آڻي غربت جو خاتمو ڪرڻ چاهيون ٿو پر کائنس جڏهن پڇا ڪئي وئي ته هو ڪجهه نه ٻڌائي سگهيو. اسد عمر هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته عمران خان کي اسٽريٽجي معاملن بابت ڪابه ڄاڻ ناهي. عمران خان چيو ته مان ننڍپڻ ۾ پاڻ کي بڇڙو سمجهندو هيس پر ڪاميابي بڇڙي ماڻهو کي به سهڻو ڪري ڇڏيندي آهي.  اخبار موجب اسلام آباد ويجهو سندس رهائشگاهه جيمز بونڊ فلمن جي ولين جي رهائشگاهه وانگر آهي. اخبار جو چوڻ آهي ته پنهنجي مرشدياڻي بشريٰ مانيڪا سان شادي جي فيصلي عمران خان جي چاهيندڙن کي پريشان ڪيو آهي.



from Awami Awaz http://ift.tt/2nD7XOf
via IFTTT

No comments:

Post a Comment