سيالڪوٽ ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي وزير خواجه آصف چيو آهي ته نئين دهلي تي هن وقت دهشتگردن جي حڪمراني آهي. سيالڪوٽ ۾ ميديا سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته ڪشميرين کي اطمينان آهي ته سرحد پار 20 ڪروڙ عوام هنن لاءِ دعائون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڀارت جي جمهوريت واري ڏهاڙي تي پاڪستاني جهنڊو ڦڙڪائيندڙن کي سلام آهي. سندس چوڻ هو ته ڪشميري پاڪستاني جهنڊي ۾ ويڙهجي دفن ٿي رهيا آهن. خواجه آصف چيو ته پاڪستان جي گهٽي گهٽي ۾ دهشتگرديءَ خلاف جنگ ڪئي پئي وڃي، اها جنگ ملڪي سلامتي ۽ بقا جي جنگ آهي. هن چيو ته 2 ڏينهن اڳ سوات ۾ اسان جي ٻن جوانن شهادت ماڻي. سندس چوڻ هو ته ڪو ڀل ۾ نه رهي ته اسان ڪشميرين کي اڪيلو ڇڏينداسين. خواجه آصف چيو ته ڀارت پنهنجي پيدا ڪيل دهشگردي ۾ اسان کي مصروف رکي ڪشمير جي جدوجهد کان پري رکڻ چاهي ٿو، ڀارت ڪشمير مسئلي تي پنهنجي هوڏ تي قائم آهي. هن چيو ته دنيا ۾ ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد کي قبول ڪيو پيو وڃي، پاڪستان ڪشميرين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. سندس چوڻ هو ته ڀارت ڪشميرين جي جدوجهد کي ڪنٽرول نه ٿو ڪري سگهي، 8 لک ڀارتي فوجي ڪشمير جي جدوجهد کي چيڀاٽڻ ۾ مصروف آهن. خواجه آصف چيو ته هزارين ٻارڙا نور وڃائي چڪا آهن ۽ پنهنجي جان قربان ڪري چڪا آهن
from Awami Awaz http://ift.tt/2E52LJ2
via IFTTT
No comments:
Post a Comment