Tuesday, February 6, 2018

آشيانه اقبال هائوسنگ اسڪينڊل: نيب ايل ڊي اي جي چيف انجنيئر کي طلب ڪري ورتو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) نيب لاهور آشيانه اقبال هائوسنگ اسڪينڊل جي جاچ جو دائرو وسيع ڪندي ايل ڊي اي جي چيف انجنيئر اسرار سعيد کي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو آهي. نيب لاهور طرفان چيف انجنيئر ايل ڊي اي اسرارسعيد کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ وضاحت طلب ڪئي وئي آهي ته ايل ڊي اي ڪهڙي طريقيڪار تحت رٿا جي ٺيڪيدارن جي چونڊ ڪئي ۽ ڇا سمورا قائدا پورا ڪيا ويا آهن. وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان ڳالهه جو به جواب ڏنو وڃي ته ايل ڊي اي پيرا گون سٽي کي ٺيڪو ڪهڙين شرطن تي جي بنياد تي ڏنو آهي. نوٽيس ۾ اهڙي الزام جي به وضاحت طلب ڪئي وئي آهي ته آشيانه اقبال هائوسنگ اسڪيم ۾ مبينا طور تي 200 ايڪڙ ايراضي هڪ اهم شخصيت جي فرنٽ مين کي الاٽ ڪئي وئي آهي.



from Awami Awaz http://ift.tt/2EIIGJQ
via IFTTT http://ift.tt/2E6unOj

No comments:

Post a Comment