Monday, February 5, 2018

گلگت بلتستان ۾ سي پيڪ رٿائن جي سڪيورٽي سخت ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) گلگت بلتستان حڪومت کي سي پيڪ رٿائن جي سڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. وفاقي گهرو وزارت طرفان لکت جاري ڪيل حڪم نامي ۾ چيو ويو اهي ته ڪجهه ملڪ دشمن ڳجها ادارا جنهن ۾ انڊيا جي ڳجهي ايجنسي را ۽ افغانستان جي اين ڊي ايس شامل آهي گلگت بلتستان ۾ سي پيڪ جي حوالي سان جاري رٿائن کي نقصان پهچائڻ جي رٿا بندي ڪئي آهي. حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته خطري کي نظر ۾ رکندي سي پيڪ جي سمورين رٿائن جي حفاظت لاءِ سمورا امڪاني اپاءَ ورتا وڃن. وفاقي گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل حڪم نامي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي به چيو ويو آهي ته ان سلسلي ۾ سڪيورٽي انتظامن کي سخت ڪن ۽ گشت وڌايو وڃي ۽ شڪي ماڻهن تي ڪڙي نظر رکي وڃي.



from Awami Awaz http://ift.tt/2s7M3aK
via IFTTT

No comments:

Post a Comment