Monday, February 5, 2018

شاداب خان آءِ پي ايل ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگو  پاڪستاني رانديگر قرار

 لاهور ( ويب ڊيسڪ ) انڊين پريميئر ليگ  ۾ جيڪڏهن پاڪستاني رانديگر هجن ها ته سڀ کان وڌيڪ اهميت ۽ قيمت ليگر اسپنر شاداب خان جي هجي ها. راندين جي ويب سائيٽ ڪرڪ انفو پاڪستاني ڪرڪيٽرن جي اهميت بابت هڪ رپورٽ شايع ڪئي آهي. رپورٽ موجب ويب سائيٽ آءِ پي ايل جي مختلف فرنچائز سامهون ڪجهه سوال رکيا جنهن موجب جيڪڏهن پاڪستاني رانديگر آءِ پي ايل ۾ هجن ها ته سڀ کان وڌيڪ قدر ڪهڙي رانديگر جو هجي ها ڪهڙو رانديگر ڪهڙي پوزيشن تي کيڏي ها ۽ سڀ کان وڌيڪ قيمت ڪهڙي رانديگر جي هجي ها جنهن تي مختلف آءِ پي ايل فرنچائز پنجن رانديگرن جي چونڊ ڪئي آهي.

شاداب خان: ليگ اسپنر

آءِ پي آءِ ايل فرنچائز جي نظر ۾ شاداب خان اهو رانديگر آهي جيڪو اڪيلو ميچ کٽائڻ جي صلاحيت رکي ٿو جنهن 6 ڏهائي 31 جي اڪنامي ريٽ سان 43 ميچن ۾ 58 وڪيٽون حاصل ڪيون آهن ۽ فرنچائز طرفان سندس قيمت 5 کان 6 ڪروڙ ڀارتي رپيه لڳائي وئي آهي.

حسن علي : فاسٽ بالر

فاسٽ بالر حسن علي ٻيو رانديگر آهي جيڪو آءِ پي ايل فرنچائز جي نظرن ۾ آهي ۽ سندس تازي ڪارڪردگي سبب سندس قيمت 3 کان 5 ڪروڙ ڀارتي رپيه آهي.

محمد عامر : فاسٽ بالر

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن بالر وٽ فاسٽ بالر محمد عامر جهڙو پيس هجي ته اهو فرنچائز لاءِ هاٽ پراپرٽي هوندو. محمد عامر وٽ تيز بال ڪرائڻ کانسواءِ هوا ۾ بال سوئنگ ڪرڻ جي صلاحيت به آهي جيڪو ڪنهن به فاسٽ بالر لاءِ  ڏکيائيون پيدا ڪري سگهي ٿو. محمد عامر کي ڊيٿ اوور اسپيشلسٽ قرار ڏنو ويو آهي ۽ سندس قيمت 3 کان 6 ڪروڙ رپيه ڀارتي رپيه لڳايا ويا آهن.

شعيب ملڪ: بيٽنگ آل رائونڊر

پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جو سينئر ترين رانديگر شعيب ملڪ ڀارتي فرنچائز جي نظرن ۾ آهي جيڪي سندس فٽنس ۽ ميدان ۾ ذهانت مان متاثر لڳن ٿا. شعيب ملڪ ٽيم جي ڏکين حالتن ۾ بيٽنگ کي سهارو ڏيڻ، بائونڊري تي زبردست فيلڊنگ ڪرڻ ۽ پارٽ ٽائيم اسپن بالنگ سبب پنهنجي اهميت برقرار رکيو پئي اچي. فرنچائز مالڪن سندس قيمت 2 کان 4 ڪروڙ ڀارتي رپيه لڳائي آهي.

فهيم اشرف : بالنگ آل رائونڊر

آل رائونڊر فهيم اشرف کي آءِ پي ايل فرنچائز اڀرندڙ ٽيلنٽ قرار ڏئي رهيا آهن جڏهن ته فرنچائز کي اهڙن رانديگرن جي ضرورت آهي جيڪي بالنگ سان گڏ مڪمل بيٽنگ جي صلاحيت رکندا هجن سندس قيمت هڪ کان 2 ڪروڙ ڀارتي رپيه آهي.



from Awami Awaz http://ift.tt/2s6Y28x
via IFTTT

No comments:

Post a Comment