Tuesday, February 6, 2018

مردان جي اسما جي جسم مان ورتل ڊي اين اي ميچ ٿي وئي، پنجاب حڪومت جو ڪي پي سان رابطو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مردان ۾ زيادتي کانپوءِ قتل ٿيل ٽن ورهين جي نينگري اسما جي جسم مان ورتل ڊي اين اي ٽيسٽ ميچ ڪري وئي آهي، پنجاب حڪومت ڪي پي کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.  ڪي پي حڪومت 45 ماڻهن جي ڊي اين اي جا نمونا صوبائي حڪومت کي موڪليا هئا جنهن مان هڪ ڊي اين اي سيمپل مقتول اسما جي ڊي اين اي سان ميچ ڪري ويو آهي. ڊي اين اي جي رپورٽ کانپوءِ پنجاب حڪومت ڪي پي سان رابطو ڪيو آهي. ڊي اين اي ميچ ڪندڙ جوابدار جو نالو ظاهر نه ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب نالو سامهون اچڻ تي جوابدار جي روپوش ٿيڻ جو خدشو آهي جنهن سبب قانوني ڪارروائي ۾ ڏکيائيون پيش اچي سگهن ٿيون تنهن ڪري شروعاتي طور تي نالو ڳجهو رکيو ويو آهي. امڪان آهي ته گرفتاري کانپوءِ پاڻ ڪي پي حڪومت جوابدار جو نالو سامهون آڻيندي.



from Awami Awaz http://ift.tt/2BaztKu
via IFTTT http://ift.tt/2BHCWRX

No comments:

Post a Comment