اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته سمورن ڪيسن جو ڄمي مقابلو ڪندس، وقت ثابت ڪندو ته منهنجي خلاف انتقامي ڪارروائي ٿي رهي آهي.
پنجاب هائوس ۾ وڪيلن ۽ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته اسان هميشه ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي ۽ اڳتي به ڪندا رهنداسين.
هن چيو ته عوامي مئنڊيٽ کسڻ جو سلسلو هاڻي بند ٿيڻ گهرجي، منهنجي نه پر ملڪي ترقي خلاف سازش ٿي رهي آهي.
نواز شريف وڪيلن سان ملاقات دوران احتساب عدالت ۾ پيشي ۽ قانوني نڪتن تي ڳالهيون ڪيون، مريم نواز، امير مقام ۽ آصف ڪرماني به وڪيلن سان ملاقات ۾ شرڪت ڪئي.
پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن نواز شريف کي پشاور ۽ مظفر آباد ۾ ڪامياب جلسن تي واڌايون پيش ڪيون.
نواز شريف چيو ته عوامي عدالت منهنجي نااهلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي
from Awami Awaz http://ift.tt/2E7zcqv
via IFTTT http://ift.tt/2EJu2SN
No comments:
Post a Comment